رنگ محل1

رنگ محل1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مغل شهنشاهن جي اتهاسڪ قصن تي مشتمل هو، جنهن جو ليکڪ ميلارام منگترام واسواڻي هو. هن ڪتاب ۾ مغل شهنشاهن جي خانگي حالتن کي نهايت تلخ انداز سان پيش ڪيو ويو ۽ سندن اخلاقي ڪردار تي به کليءَ طرح سان لکيو ويو آهي. نامور ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ان جي جواب ۾ ’رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل‘ ڪتاب لکيو. ڪتاب ۾ ڇپائيءَ جو سال ڄاڻايل نه آهي. هيءُ ڪتاب هندستان پرنٽنگ ورڪ، ڪيمبال روڊ ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪرائون سائيز ۾ ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 199 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيو آهي. اختلافي مواد سبب ’رنگ محل‘ ۽ ’رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل‘ ڪتابن تي وقت جي سرڪار پابندي مڙهي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو